سنڌ حڪومت لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل تي عملدرآمد روڪڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

Sindh-high-court-02

سنڌ حڪومت ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ هٿ مٿي کڻي ڪرڻ، عورتن ۽ نوجوانن جي  38 مخصوص سيٽن بابت غير قانوني قرار ڏنل لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل تي عملدرآمد روڪڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

سنڌ حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته هو لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل بابت فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست  داخل ڪرائڻ چاهن ٿا ان ڪري فيصلي تي ٻن هفتن لاءِ عملدرآمد روڪيو وڃي.

گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ هٿ مٿي کڻي ڪرڻ، عورتن ۽ نوجوانن جي  38 مخصوص سيٽن بابت  لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل کي غير قانوني قرار ڏيندي چونڊ ڳجهي بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ هٿ مٿي کڻي ڪرڻ، عورتن ۽ نوجوانن جي  38 مخصوص سيٽن بابت لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل بابت فيصلي تي عملدرآمد روڪڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*