قمبر پوليس بلوچستان جي علائقي باريجا ۾ ڪارروائي ڪندي ٻن ڳوٺاڻن کي بازياب ڪرائي ٻن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

qambar

قمبر پوليس بلوچستان جي علائقي باريجا ۾ ڪارروائي ڪندي ٻن ڳوٺاڻن کي بازياب ڪرائي ٻن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڳوٺاڻي خالد ڪارڙو ۽ محمد ڪارڙو کي هڪ مهينو اڳ شهددڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪارڙا مان اغوا ڪيو ويو هو.

ڊي ايس پي قمبر سلطان چانڊيو موجب  بلوچستان جي علائقي باريجا ۾ ڏوهارين سان مقابلي بعد ڳوٺاڻي خالد ڪارڙو ۽ محمد ڪارڙو کي بازياب ڪرايو ويو آهي.

ڊي ايس پي موجب ڪارروائي دوران ٻن شڪي جوابدارن کي به گرفتار ڪري وٽان هڪ ٽي ٽي پيسٽل ۽ هڪ رپيٽر هٿ ڪيو ويو آهي، جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

ڊي سي ايس پي سلطان چانڊيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته بازياب ڪرايل ٻئي ڳوٺاڻا پاڻ ۾ مامون ڀاڻج آهن، جن کي بدنام ڏوهاري قربان مگسي جي ٽولي اغوا ڪيو هو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*