ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ايس آءِ يو سان مبينا مقابلي دوران ٻه ڏوهاري مارجي ويا

karachi-police

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ايس آءِ يو سان مبينا مقابلي دوران ٻه ڏوهاري مارجي ويا ۽ سندن هڪ ساٿي فرار ٿي ويو، ايس ايس پي فاروق اعواڻ چيو آهي ته جوابدار 11بئنڪ ڌاڙن ۾ ملوث هئا ۽ اڄ جوابدارن محمود آباد واري علائقي ۾ بئنڪ کي ڌاڙي جو منصوبو جوڙيو هو.

ايس ايس پي فاروق اعواڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تهڪورنگي ۾ ناڪابندي دوران جوابدارن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، جن جي نه بيهڻ ۽ فائرنگ ڪرڻ تي پوليس جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا ۽ سندن هڪ ساٿي فرار ٿي ويو.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو مارجي ويل ڏوهاري ارسلان اقبال ۽ دلاور عرف ٽائيگر فائرنگ جي ڏي وٺ ۾  مارجي ويا، جيڪي هلندڙ سال 3 بئنڪ ڌاڙن سميت 11 بئنڪ ڌاڙن ۾ ملوث هئا.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدارن اڄ صبح محمود آباد ۾ بئنڪ مان ڦر جو منصوبو جوڙيوهو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*