ڀٽ شاهه ڀرسان تي ڪار ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عمري جي سعادت ماڻي واپس موٽندڙ عورت فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Bhit-Shah

ڀٽ شاهه ڀرسان تي ڪار ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عمري جي سعادت ماڻي واپس موٽندڙ عورت فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار سامهون ويندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ صدوري زال حاجي احسن جمالي فوت ٿي وئي، جڏهن ته عبدالرحمان، انضمام، عبدالحق ۽ اياز جمالي زخمي ٿي پيا.

فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال هالا منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

پوليس موجب حادثَي جو شڪار ڪار سوار نيو سعيدآباد ڀرسان ڳوٺ بکر جمالي جا رهواسي آهن، جن مان مسمات صدوري ۽ عبدالرحمان جمالي عمري جي سعادت ماڻڻ بعد واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته واقعو پيش ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*