وفاقي بيورو ڪريسي ۾مقريون ۽ تبديليون

govt-logo

وفاقي بيورو ڪريسي ۾مقريون ۽ تبديليون ڪندي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري عارف خان کي گهرو کاتي جو سيڪريٽري ۽ اڳوڻي ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي کي گهرو کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم نواز شريف پاران مختلف کاتن جي سيڪريٽرين جي مقررين ۽ بدلين جي منظوري بعد اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گهرو کاتي جي سيڪريٽري شاهد خان کي بدلي ڪري ايوان صدر ۾سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

موسمياتي تبديلي واري وزارت ۾ مقرر سيڪريٽري عارف خان کي گهرو کاتي جي سيڪريٽري جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اڳوڻي ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي کي گهرو کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*