ناليواري ڊراما رائيٽر فاطما ثريا بجيا جي جنازي نماز اڄ ڪراچي جي محمدعلي سوسائٽي ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس تدفين گزري جي قبرستان ۾ ڪئي ويندي

fatma-saria

ناليواري ڊراما رائيٽر فاطما ثريا بجيا جي جنازي نماز اڄ ڪراچي جي محمدعلي سوسائٽي ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس تدفين گزري جي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.

فاطمه ثريا بجيا 1930 ۾ ڀارت جي ڪرناٽڪ ضلعي ۾ پيدا ٿي ۽ پاڪستان جي قيام کانپوءِ  هو ڪراچي آئي، سندس لکيل ڊرامن عروسا، شمع ۽ ٻين کي تمام گهڻي مڃتا ملي.

فاطمه ثريا بجيا ناليواري ليکڪ انور مقصود ۽ کاڌن جي ماهر  آپا زبيده جي وڏي ڀيڻ هئي، هن ٽي وي ۽ ريڊيو سميت اسٽيج تي به فن جو مظاهرو ڪيو.

آپا ثريا بجيا وڏي وزير جي صلاحڪار به رهي، سندس لاڏاڻي تي صدر ممنون حسين، وزير اعظم نواز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

آپا ثريا بجيا گذريل ڏينهن 86 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي سندس جنازي نماز اڄ ڪراچي جي محمدعلي سوسائٽي ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس تدفين گزري جي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*