وزيراعظم نواز شريف، قطر جي سيڙپڪاري اٿارٽي کي پاڪستان ۾ سيڙپ جي دعوت

nawaz-Qatar

وزيراعظم نواز شريف، قطر جي سيڙپڪاري اٿارٽي کي پاڪستان ۾ سيڙپ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ وارن منصوبن تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، قطر جا  واپاري سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.

قطر جي دوري تي پهتل وزيراعظم نواز شريف سان دوها ۾ قطر جي سيڙپڪاري اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شيخ عبدالله  محمد الثاني ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻه طرفي دلچسپي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، پيٽروليم وارو وزير شاهد خاقان عباسي، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن جي سيڙپڪارن کي خاص مراعتون ڏنيون پيون وڃن، قطر جي سيڙپڪار اٿارٽي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي  تي به خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، بنيادي ڍانچي جي ترقي وارن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪري عوام تائين انهن جو ثمر پهچايو ويندو.

ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف قطر جي سيڙپڪاري اٿارٽي کي زراعت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت به ڏني…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*