دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج کي حڪومت ۽ قوم جي ڀرپور حمايت حاصل آهي:صدر ممنون حسين

mamnoon

صدر ممنون حسين چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج کي حڪومت ۽ قوم جي ڀرپور حمايت حاصل آهي، تمام جلد دهشتگردي جي لعنت مان نجات حاصل ڪري وٺنداسين.

اسلام آباد ۾ ڪيڊٽس کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪ فوج ضرب عضب ذرريعي دهشتگردي خلاف ڪاررواين ۾ رڌل آهي، آپريشن ضرب عضب ۾  پاڪ فوج جي ڪارڪردگي تعريف جوڳي آهي.

هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج کي سموري قوم ۽ حڪومت جي حمايت حاصل آهي،  تمام جلد دهشتگردي مان ڇوٽ حاصل ڪري وٺنداسين.

صدر وڌيڪ چيو ته دهشتگردي سبب ملڪ کي وڏو نقصان پهتو پر هاڻي امن امان جي صورتحال ڏينهن ڏينهن بهتر ٿي رهي آهي.

صدر ممنون حسين چيو ته بدعنواني ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچايو، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*