خيبرپختونخواهه جي سرڪاري اسپتالن ۾ لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ٿيڻ خلاف ڊاڪٽرن جو ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري

peshawaryang-dr

خيبرپختونخواهه جي سرڪاري اسپتالن ۾ لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ٿيڻ خلاف ڊاڪٽرن جو ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري آهي، ڊاڪٽرن پاران  او پي ڊيز بند ڪري رڳو ايمرجنسي سروس ۾ ضروري نوعيت جون آپريشنز ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته حڪومت هڙتالي ڊاڪٽرز سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.

خيبرپختونخواهه جي سرڪاري اسپتالن ۾ لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ٿيڻ باوجود پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي سڏ تي ڊاڪٽرن پاران ٽئين ڏينهن به هڙتال ڪئي پئي وڃي.

پشاور جي ليڊي ريڊنگ ۽ خيبر ٽيچنگ سميت ٻين اسپتالن ۾ مسلسل ٽن ڏينهن کان او پي ڊي بند هئڻ سبب مريض سخت پريشان آهن.

 ڊاڪٽرن پاران ايمرجنسي سروس ۾ به رڳو ضروري نوعيت جون آپريشن ڪيون پيون وڃن.

حڪومت ڊاڪٽرن سان ڳالهين لاءِ ڪميتي قائم ڪري ڇڏي آهي، ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن جو صدر ڊاڪٽر امجد ۽ پيرا ميڊڪل اسٽاف جا اڳواڻ حڪومتي ڪميٽي سان ڳالهيون ڪندا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*