سامونڊي فوج جي سربراهه رٽائرڊ ايڊمرل منصور الحق نيوي جي رول 19 کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئليج

sindh-highi-court11-8

سامونڊي فوج جي سربراهه رٽائرڊ ايڊمرل منصور الحق  نيوي جي رول 19 کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئليج ڪيو آهي، جنهن تحت ايڊمرل منصورالحق جي پينشن ۽ ٻيون سهولتون رڪيل آهن.

ايڊمرل منصور الحق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته پرويز مشرف جي دور ۾ نيوي ۾ متعارف ڪرايل رول 19 آئين ۾ ڏنل  بنيادي حقن خلاف آهي.

واضح رهي ته سامونڊي فوج جي اڳوڻي سربراهه ايڊمرل منصورالحق کي ڪرپشن جي الزام هيٺ هٽايو ويو هو، جنهن پينشن ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*