اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، دوستي جي لالچ ڏئي ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪندڙ گروهه تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

lahore-Atc08-9

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، دوستي جي لالچ ڏئي ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪندڙ ماءُ ۽ ڌي سميت گرفتار گروهه تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت پنهنجي ڌيءَ  جي ذريعي نوجوان ڇوڪرن کي دوستي جي بهاني اغوا ڪرائي ڀنگ وصول ڪندي هئي.

اسلام آباد پوليس ڇوڪرن کي دوستي جِي لالچ ڏئي ڀنگ لاءِ اغوا ڪرائيندڙ ماءُ ڌيءَ سميت جوابدار گروهه کي دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت جي جج سهيل اڪرام آڏو پيش ڪيو.

عدالت ماءُ ڌيءَ سميت 10 رڪني گروهه تي فرد جرم لاڳو ڪري پوليس کي وڌيڪ شهادتون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پوليس موجب گرفتار ماءُ ڌيءَ نوجوان ڇوڪرن کان لفٽ وٺي دوستي ڪنديون هيون، جنهن بعد کين اغوا ڪرائي وارثن کان ڀنگ وصول ڪيو ويندو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*