اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، متحده اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن جي جڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ

lahore-Atc08-9

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، متحده اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن جي جڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪوثر عباس زيدي ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر هڪ ڀيرو ٻيهر چالان پيش نه ڪيو ويو، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت،  جاچ آفيسر کان پڇاڻو ته ڪيس جو چالان پيش ڇو ناهي ڪيو ويو؟، جنهن تي جاچ آفيسر پاران مهلت طلب ڪئي وئي.

عدالت، ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 25 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت، جوابدار خالد شميم، معظم علي ۽ محسن علي جي جـُڊيشل رمانڊ ۾ به 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*