پي آءِ اي انتظاميه ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ 15 ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪري ڇڏيو

PIA11-9

پي آءِ اي انتظاميه ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ 15 ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪري ڇڏيو آهي، پي آءِ اي انتظاميه سمورن ملازمن لاءِ سرڪيولر جاري ڪندي هڪ ڊپارٽمينٽ کان ٻئي ڊپارٽمينٽ ڏانهن وڃڻ کان  اڳ کين انٽري لازمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پي آءِ اي انتظاميه ڊيوٽي تان مسلسل غير حاضر رهڻ سبب ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ 15 ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪري ڇڏيو آهي،جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

پي آءِ اي انتظاميه سمورن ملازمن لاءِ سرڪيولر جاري ڪندي هڪ ڊپارٽمينٽ کان ٻئي ڊپارٽمينٽ ڏانهن وڃڻ کان  اڳ کين انٽري لازمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پي آءِ اي انتظاميه موجب هدايتن تي عمل نه ڪندڙ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*