سنڌ حڪومت دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ سنڌ پوليس ڪائونٽر ٽيريزم جي نالي سان يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو

Apex-Sindh-Qaim-2-12

سنڌ حڪومت دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ سنڌ پوليس ڪائونٽر ٽيريزم جي نالي سان يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو آهي، گهرومعاملن واري وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته يونيورسٽي جي قيام سان گڏ سمورن ٿاڻن ۾ ايمرجنسي سيل قائم ڪيا ويا آهن.

گهرو وزير جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ايس ايس يو هيڊ ڪوارٽر ۾ پوليس مئنيجمينٽ بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يونيورسٽي جي قيام جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس بابت پوليس پاران جاري ڪيل بيان تحت سهيل انور سيال چيو ته  يونيورسٽي جي قيام سان گڏ سمورن ٿاڻن ۾ ايمرجنسي سيل قائم ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته يونيورسٽي ۾ پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن کي دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ جديد تعليم ڏني ويندي.

پوليس پاران جاري ڪيل بيان تحت ٿاڻن ۾ قائم ٿيندڙ ايمرجنسي سيل جو هيلپ لائين نمبر 911 آهي ، جڏهن ته اهو سيل ايمبولنس سروس، محافظ فورس، مددگار ون فائيو ۽ ٻين ادارن کان ڳنڍيل هوندو .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*