سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي هڪ سئو 36 ميل موبلائيزر کي پڪو نه ڪرڻ بابت توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي

sindh-highi-court11-8

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي هڪ سئو 36 ميل موبلائيزر کي پڪو نه ڪرڻ بابت توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي دوران سيڪريٽري ملازمن کي پڪو ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن پيش ڪيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزنل بئنچ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي هڪ سئو 36 ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ بابت توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هو 1998ع کان ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، پر کين پڪو نٿو ڪيو وڃي.

عدالت  ۾ ٻڌڻي دوران آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي سيڪريٽري 136 ميل موبلائيزر کي پڪو ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن پيش ڪيو، جنهن کانپوءِ عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*