ڪراچي جي احتساب عدالت ڪرپشن ۽ دهشتگردن جي سهولتڪار بڻجڻ واري ڪيس ۾ گرفتار سئي گيس جي اڳوڻي ايم ڊي کي ريفرنس داخل ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي

law

ڪراچي جي احتساب عدالت ڪرپشن ۽ دهشتگردن جي سهولتڪار بڻجڻ واري ڪيس  ۾ گرفتار  سئي گيس جي اڳوڻي ايم ڊي زوهير صديقي ۽ شعيب وارثي خلاف 25 فيبروري تائين ريفرنس داخل ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

احتساب عدالت ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار، زوهيب صديقي ۽ شعيب وارثي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پراسيڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.

عدالت پراسيڪيوٽر جي درخواست تي ٻنهي جوابدارن خلاف 25 فيبروري تائين ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

عدالت زوهيب صديقي ۽ شعيب وارثي جي ميڊيڪل سهولت ڏيڻ بابت درخواست تي جيل علمدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*