پشاور واقعي تي دلي ڏک پهتو آهي اڳوڻو ڪپتان يونس خان

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار مڊل آرڊر بيٽسمين يونس خان چيو آهي ته کين پشاور واقعي تي دلي ڏک پهتو آهي ۽ هو انهن سمورن فيمليز سان گڏ آهن، جن جي گلن جهڙي اولاد هن دهشتگردي جي واقعي جي  وڙ چڙهي وئي.

گڏيل عرب امارتن جي شهر ابوظهبي ۾ ڪيوي ٽيم خلاف رٿيل سيريز جي چوٿين ون ڊي ميچ کان پهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي يونس خان چيو ته پشاور واقعي  سبب ٽيم جو هر رانديگر پريشاني جي وڙ چڙهيل آهي.

هن چيو ته هو ۽ ٽيم جو هر رانديگر هن ڏک جي گهڙي ۾ انهن سمورن خاندانن سان ڏک  جي هن گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهن.

يونس خان چيو ته اڄ جي ميچ ۾ ٽيم جا سمورا رانديگر ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ميدان ۾ لهندا.

يونس خان ٽيم جي مجموعي ڪارڪردگي بابت پڇيل هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ڪيوي ٽيم خلاف سمورن رانديگرن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي آهي ۽ ٽيم کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل آهي.

يونس خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو گهڻو پراميد آهي ته ون ڊي سيريز ۾ ٽيم ڪاميابي ماڻيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*