سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن پاران قطر کان ايل اين جي خريد ڪرڻ واري معاهدي تي حڪومت مٿان ڇتي تنقيد

senate-pakistan-11-8

 سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر سينيٽر اعتزاز احسن قطر سان ايل اين جي معاهدي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڇا قطر کانسواءِ ڪو ٻيو ملڪ ايل اين جي فراهم نه پيو ڪري سگهي، اهڙي معاهدي سان پاڪ-ايران گيس پائيپ لائين منصوبو ختم ٿي ويو آهي، وزيراعظم ۽ پيٽروليم واري وزير خلاف ريفرنس داخل ٿيڻ گهرجي.

سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته حڪومت تي ڪنهن به تنقيد جو اثر ناهي ٿيندو، حڪومت آمدنيءَ تي سڌيءَ ريت ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي پر حڪمراني آمدني تي پاڻ ٽيڪس ادا نٿا ڪن.

هـُن چيو ته قطر سان ايل اين جي معاهدي تي ملڪ کي وڏو نقصان ٿيندو، وزيراعظم ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير خلاف ريفرنس داخل ٿيڻ گهرجي.

هـُن چيو ته ڇا قطر کان علاوه ڪو ٻيو ملڪ ايل اين جي فراهم نه پيو ڪري سگهي، روس سان به ايل اين جي معاهدو ڪري سگهجي پيو.

اعتزاز احسن چيو ته قطر سان ايل اين جي معاهدي بعد پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ گيس پائيپ لائين منصوبو ختم ٿي ويندو، قطر سعودي عرب جي بلاڪ جو حصو آهي، اهو ڪڏهن به نه چاهيندو ته پاڪستان ايران کان گيس خريد ڪري.

اپوزيشن ليدر چيو ته ايل اين جي معاهدي وقت سيف الرحمان به موجود هو، ڪجهه ڳالهه ضروري آهي جو وزيراعظم نواز شريف کي پاڻ معاهدي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃڻو پيو.

اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته قطر سان ايل اين جي معاهدو آئين جي ڀڃڪڙي آهي، ان حوالي سان گڏيل مفادن واري ڪائونسل کان منظوري وٺڻ گهرجي ها.

پيٽروليم واري وزير شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان ۾ تيل جا اگهه دنيا ۾ سڀ کان گهٽ آهن، ڀارت ۾ پيٽرول جي في ليٽر جي قيمت 100 ۽ بنگلاديش ۾ 130 رپيا آهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته هن وقت پيٽرول تي 25 رپيا 59 پئسا في ليٽر تي ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي.

پيٽروليم واري وزير چيو ته ماضي جي حڪومتن توانائي بحران جي خاتمي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، اوگرا جي سفارشن باوجود گيس جا اگهه مهانگا نه ڪيا، ملڪ ۾ توانائي بحران جو حل گيس جي درآمد ۾ آهي، اعتزاز احسن ٻڌائي ته حڪومت تي ڪهڙو ريفرنس ٺهي ٿو.

شاهد خاقان عابسي چيو ته ايل اين جي برآمد سان ساليانو هڪ ارب ڊالر جي بچت ٿيندي، اڳوڻي حڪومت به قطر سان ايل اين جي معاهدو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪ-ايران گيس پائيپ لائين جو افتتاح تڪڙ ۾ ڪيو ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*