آئين تحت 90 ڏينهن اندر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لازمي آهي پر وفاقي حڪومت اجلاس نه سڏائي آئين جي ڀڃڪڙي پئي ڪري

senat

سينيٽ چيئرمين رضا رباني، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه سڏائڻ تي رُولنگ ڏيندي چيو آهي ته آئين تحت سي سي آءِ جو اجلاس 90 ڏينهن اندر گهرائڻ لازمي هوندو آهي پر وفاقي حڪومت ان اهم معاملي کي نظر انداز ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.

 سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين رضا رباني ميمبرز جي راءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه گهرائڻ تي رولنگ ڏني.

رضا رباني چيو ته آئين تحت 90 ڏينهن اندر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لازمي هوندو آهي پر 3 سئو 31 ڏينهن گذرڻ باوجود سي سي آءِ جو اجلاس ناهي گهرايو ويو.

سينيٽ چيئرمين چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو آخري اجلاس 18 مارچ 2015 تي ٿيو هو، جنهن بعد آئين تحت 16 جون 2015 تي ٻيهر سي سي آءِ جو اجلاس ٿيڻ گهرجي ها پر اجلاس نه سڏايو ويو.

رضا رباني رولنگ ۾ چيو ته وفاقي حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه سڏائي آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، حڪومت سي سي آءِ جون سفارشون پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي به پابند آهي.

سينيٽ چيئرمين چيو ته وزيراعظم نواز شريف پاڻمرادو ڪو فيصلو ڪري منظوري نٿو ڏئي سگهي، هـُو آئيني مونجهارن کان بچڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي 15 ڏينهن جي مهلت ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن ان بعد به اجلاس نه سڏايو ويو ته اها آئين جي ڀڃڪڙي سمجهي ويندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*