ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقريرن وارن ڪيسن ۾ الطاف حسين سميت 20 اڳواڻن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقريرن وارن ڪيسن ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين سميت 20 اڳواڻن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ  جاري ڪندي کين 22 فيبروري تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ الطاف حسين، نسرين جليل، فاروق ستار، خواجه اظهار، قمر منصور ۽ ٻين اڳواڻن خلاف ڪراچي جي سائيٽ ۽ سهراب ڳوٺ وارن چڙ ڏياريندڙ تقريرن وارن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر پاران رپورٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ  عدالت ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين سميت 20 اڳواڻن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ  جاري ڪندي کين 22 فيبروري تائين گرفتار ڪري  پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*