ڳڙهي حسن سرڪي مان 8 سال اڳ اغوا ڪيل فضلا سرڪي اڃان تائين بازياب نه ٿي سگهي

thul-fazila-protest

ڳڙهي حسن سرڪي مان 8 سال اڳ اغوا ڪيل فضلا سرڪي اڃان تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي، جنهن جا وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن.

اغوا ڪيل معصوم نياڻي جي وارثن عبدالرزاق سرڪي ۽ ٻين اڄ به  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

مظاهرين چيو ته سندن نياڻي کي 8 سال اڳ اغوا ڪيو ويو، پر پوليس کيس بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪجهه نه پئي ڪري.

هنن چيو ته  سنڌ جي وڏي وزير پاران معاملي جو نوٽيس وٺڻ باوجود پوليس فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن مطالبو ڪيو ته سندن نياڻيءَ کي فوري طور بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکندا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*