ڏيڍ سال ايوان ۾دانهون ڪندا رهياسين ته ايل اين جي معاهدي تي اعتماد ۾و رتو وڃي پر حڪومت زحمت نه ڪئي:خورشيد شاهه

khurshid shah 03-02-16

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت پارليامينٽ کي اهميت نه پئي ڏئي، ڏيڍ سال ايوان ۾دانهون ڪندا رهياسين ته ايل اين جي معاهدي تي اعتماد ۾و رتو وڃي پر حڪومت زحمت نه ڪئي، سرڪار کي بگهڙ جيان انتظار هوندو آهي ته ڪو ادارو اکيون بند ڪري ته جهپڙ ڏئي شڪار ڪري وٺون.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته پهريان چيو ويندو هو ته ملڪي فيصلا  پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن پر هاڻي پارليامينٽ کي اهميت نٿي ڏني وڃي.

هن چيو ته جڏهن به پارليامينٽ کي اهميت ناهي ڏني وئي، تڏهن کان پارليامينٽ خلاف سازش شروع ٿي آهي، پ پ جي حڪومت 5 سال ان جي ڪري پورا ڪيا جو ايوان جي عزت ۽ ان جي طاقت بڻيل رهياسين.

خورشيد شاهه چيو ته هـِن پارليامينٽ ۾ تاريخ جا وڏا فيصلا ٿيا آهن ۽ هتي وڏن وڏن ادارن جا سربراهه به جوابده ٿيا، ان طاقت کي محسوس ڪيو وڃي، جيڪا هڪ ننڍي شخص کي ايوان ۾ پهچائي ٿي پر حڪومت ان طاقت کي ڪڏهن به محسوس ناهي ڪيو.

هن چيو ته هر فيصلو پئسي سان نٿو  ڪري سگهجي، افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته فيصلا سازي ۾ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي، ايل اين جي معاملي تي به ايوان ۾ ڏيڍ سال دانهون ڪيون ويون پر حڪومت زحمت نه ڪئي.

خورشيد شاهه چيو ته ايوان ۾ دستاويزن سان گڏ ٻڌايان پيو ته پي آءِ اي کي 2006 کان هن وقت تائين وڏو خسارو ٿيو، ملڪ ۾ فيصلا آءِ ايم ايف نه پر عوام جي خواهشن موجب ٿيڻ گهرجن.

خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت بگهڙ جيان انتظار ۾ آهي ته ڪو ادارو اکيون بند ڪري ۽ ان جو جهـَپڙَ ڏئي شڪار ڪيو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*