وڏو وزير قائم علي شاهه اڄ به سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنهنجي سيٽ ڀلجي ويو

qaim-cm

وڏو وزير قائم علي شاهه اڄ به سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنهنجي سيٽ ڀلجي ويو، اسيمبلي اسٽاف پاران نشاندهي ڪرڻ بعد قائم علي شاهه پنهنجي سيٽ تي واپس آيو.

وڏو وزير قائم علي شاهه جيئن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهتو ته سڌو پنهنجي سيٽ بدران اپوزيشن ليڊر جي سيٽ تي هليو ويو.

اسيمبلي اسٽاف پاران سيٽ جي نشاندهي ڪرڻ باوجود قائم علي شاهه مخالف ڌر اڳواڻ جي سيٽ تي ويهڻ لڳو ۽ ان کان اڳ اسپيڪر کي سلام به ڪيو.

ڳالهه اسيمبلي جي هيٺئين اسٽاف کان چڙهي وئي ته ٻيا ملازم به پهچي ويا ۽ غلطي جي نشاندهي ڪري وڏي وزير کي پنهنجي سيٽ سنڀالڻ جي گذارش ڪئي.

وڏو وزير پنهنجي سيٽ تي پهتو ته پنهنجي آجيان ۾ پاڻ ئي ڊيسڪ وڄائي ويهي رهيو…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*