ڪراچي جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ بدعنواني ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال وارن الزامن تي فضل الله پيچوهو جا گرفتاري وارنٽ جاري

fazal-allah-pachuhoڪراچي جي اينٽي ڪرپشن عدالت ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال  بابت هڪ استاد جي سڌي فرياد تي  تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ڪراچي جي اينٽي ڪرپشن عدالت جي  اسپيشل جج  فضل الله پيچوهو خلاف هاءِ اسڪول جي  استاد محمد مٺل جي  سڌي فرياد تي ٻڌڻي ڪئي.

سڌي فرياد ۾ استاد موقف اختيار ڪيو آهي ته تعليم واري سيڪريٽري کيس برطرف ڪيو ۽ بحالي لاءِ پئسا گهريا جيڪي ڏيڻ بعد کيس بحال نٿو ڪري ۽ نه وري پئسا واپس ڪري ٿو.

اينٽي ڪرپشن عدالت  استاد جي سڌي فرياد تي  تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو جا ضمانت ٿيڻ جوڳا  گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*