سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سورٺ ٿيٻو جي ٿر جي صورتحال بابت بحث واري رٿ رد ٿيڻ تي اپوزيشن ميمبرز سخت احتجاج

sorath-thabo

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران نوازليگ ايم پي اي سورٺ ٿيٻو جي ٿر جي صورتحال بابت بحث واري رٿ رد ٿيڻ تي اپوزيشن ميمبرز سخت احتجاج  ڪيو،  ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ متحده ميمبرز وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران نوازليگ ايم پي اي سورٺ ٿيٻو  ٿر جي صورتحال تي  بحث لاءِ مهملي واري رٿ پيش ڪئي، جنهن کي ڊپٽي اسپيڪر ضابطن تي ابتڙ قرار ڏيندي چيو ته  ان معاملي تي تفصيلي بحث ٿي چڪو آهي، خواجه اظهار چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي رول تحت رٿ کي ضابطن جي ابتڙ قرار ڏنو ويو آهي.

سورٺ ٿيٻو  پاران رٿ پيش ڪرڻ دوران ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ، نواز ليگ جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي 10 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻيهر اجلاس شروع ٿيڻ تي ڊپٽي اسپيڪر سورٺ ٿيٻو کي مهملي واري رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني، جنهن رٿ پيش ڪندي چيو ته کيس ڄاڻ آهي ته  ٿر صورتحال تي بحث ٿي چڪو آهي پر  اتي 170 ٻار فوت ٿيڻ بعد به اپاءُ نه ورتا ويا آهن.

اجلاس ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ ٻيهر سخت جملن جي ڏي وٺ ٿيڻ تي ڊپٽي اسپيڪر سورٺ ٿيٻو جي رٿ کي رد ڪندي اجلاس ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

اڄوڪي اجلاس دوران فنڪشنل ليگ ايم ڪيو ايم، نواز ليگ ۽ ٻين ميمبرن ڌيان ڇڪايو نوٽيسز جي معاملا اٿاريا، جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر ايوان کي آگاهي ڏني ته سنڌ جي گورنر لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل جي صحيح ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*