ڪراچي جي لياري جنرل اسپتال تي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جو ڇاپو، گينگ وار جو جوابدار رياض بابل عرف بابلا گرفتار

lyari-hospital

ڪراچي جي لياري  جنرل اسپتال تي  قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن  ڇاپو هڻي گينگ وار جي جوابدار رياض بابل عرف بابلا کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن اسپتال تي چاپو هڻي جوابدار رياض بابل عرف بابلا کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو  لياري جنرل اسپتال جو ملازم ۽ بابا لاڊلا جو سهولتڪار ٻڌايو پيو وڃي.

قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن رياض عرف بابلا کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري کائنس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*