سنڌ سرڪار صوبي اندر چيني انجنيئرز ۽ ٻين پرڏيهين جي تحفظ لاءِ هڪ نئون سيڪيورٽي فورس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Security-Plan

سنڌ حڪومت صوبي اندر چيني انجنيئرز ۽ ٻين پرڏيهين  جي سڪيورٽي لاءِ فورسز جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ سرڪار موجب فورس لاءِ 3 هزار رٽائرڊ فوجي ٻن سالن جي ڪانٽيڪٽ تي ڀرتي ڪيا ويندا.

 ذريعن موجب سنڌ حڪومت چيني  ۽ ٻين ملڪن جي انجنيئرز جي سڪيورٽي سخت ڪرڻ  ۽ سندن تحفظ لاءِ نئون فورس جوڙڻ جو فيصلو  ڪيو آهي.

سنڌ سرڪار موجب نئين فورس لاءِ 3 هزار رٽائرڊ فوجي ٻن سالن لاءِ ڪانٽريڪٽ  تي ڀرتي ڪيا ويندا، جن جي پگهار سنڌ پوليس جي برابر هوندي.

ذريعن موجب نئين فورس لاءِ سنڌ حڪومت عسڪري ادارن کان رٽائرڊ فوجين جي فهرست  به طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*