ٿرپارڪر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري،44 ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 184 ٿي ويو

thar-child-died

ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي اسپتالن ۾ اڄ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن دوران حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 184 ٿي ويو آهي.

مٺي سول اسپتال ۾ 8 مهينن جي ڪوويتا ڌيءَ توڳو  ڀيل ۽ پورهيت شنڪر ڀيل جي هڪ ڏينهن جي ٻارڙي بيبي بيماري جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي

اسلام ڪوٽ تعلقي اسپتال ۾ ڳوٺ ساتريو ڀيل جي رهواسي تارو ڀيل جو 5 مهينن جو ٻارڙو پرڀو به بيماري سبب فوت ٿي ويو.

 ٿر پارڪر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب 44 ڏينهن اندر حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 184 ٿي ويو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*