سوات ۽ ڪالام سميت اتر علائقن ۾ برفباري ۽ وسڪاري کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿڌ جي نئين لهر شروع

usa-ice-foold

سوات ۽ مالاڪنڊ ڊويزن سميت اتر علائقن ۾ وسڪاري ۽ برفباري کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿيڻ سان گڏ عام زندگي سخت متاثر ٿي آهي، موسميات کاتي ايندڙ 24 دوران برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

سوات مالاڪنڊ ڊويزن سميت هيٺين وارن علائقن ۾ گذريل چئن ڏينهن کان برسات ۽ برفباري جي ڪري لينڊ سلائيڊنگ سبب روڊ رستا بند ٿي ويا آهن.

لينڊ سلائينڊنگ سبب عام زندگي سخت متاثر ٿي آهي،جڏهن ته انتظاميا پاران روڊ تان برف هٽائڻ وارو ڪم تيز ڪيو  ويو آهي.

هڪ پاسي لينڊ سلائيڊنگ سبب پريشان آهن ته وري ٻئي پاسي سوات ۾ سياحن ۽ مارگلا پهاڙي تي اسلام آباد واسي موسم جو مزو وٺي رهيا آهن.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*