پنجاب پوليس جي گهوٽڪي ويجهو ميرڪوش واري علائقن ۾ ڪارروائي، مقامي صحافي سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار

Ghotki-Police

گهوٽڪي ويجهو پنجاب پوليس ڪارروائي ڪندي 20 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي آهي، جڏهن ته گهوٽڪي پوليس ڪارروائي کان تعلق بڻيل آهي.

پنجاب جي ڪوٽ سبزل، صادق آباد ۽  ڀنگهه ٿاڻن جي پوليس گهوٽڪي ويجهو ميرڪوش واري علائقي  ۾ ڪارروائي ڪندي 20 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي آهي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پنجاب پوليس بنا جواز ڪارروائي ڪري ڳوٺاڻي حافظ عبدالرشيد، جاويد، اعجاز احمد، فارق احمد سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي  کنڀي وئي آهي.

ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته  ڪجهه هفتا اڳ پنجاب پوليس هڪ نوجوان کي گرفتار ڪري ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو هو، جنهن جنهن جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ سبب پوليس انتقامي ڪارروائي ڪندي گرفتاريون ڪيون آهن.

گهوٽڪي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پنجاب پوليس پاران ڪارروائي بابت ڪابه ڄاڻ ناهي ڏني وئي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*