سنڌ حڪومت سڀاڻي ويلن ٽائين ڊي تي سمنڊ ڏانهن وڃڻ ۽ سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

sea-view

سنڌ حڪومت سڀاڻي ويلن ٽائين ڊي تي سمنڊ ڏانهن وڃڻ ۽ سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ويلن ٽائين ڏهاڙي تي هر سال نوجوانن جو وڏو انگ سمنڊ تي اچي هل هنگامو ڪرڻ سان گڏ سمنڊ ۾ وهنجي ٿو، جنهن سان قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ جو انديشو آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچڻ لاءِ سڀاڻي ويلن ٽائين ڏهاڙي تي سمنڊ ڏانهن وڃڻ ۽ سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*