ڪراچي مان لڏ پلاڻ جو سوچيندڙ ماڻهو هاڻ سک جو ساهه کڻي رهيا آهن: احسن اقبال

ahsan iqbal

ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ڏکئي گهڙي مان گذري رهيو آهي، 20 ڪروڙ عوام جي حمايت سان دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪيو، ڪراچي مان لڏ پلاڻ جو سوچيندڙ ماڻهو هاڻ سک جو ساهه کڻي رهيا آهن.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو آهي  ته ڪجهه سياسي عنصر بار بار پاڪستان جي ترقي واري راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا، پر ان باوجود به حڪومت جو عزم ڪمزور ناهي ٿيو.

هن چيو ته آپريشن ضرب عضب جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن، پاڪ فوج دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، امن جي بحالي لاءِ حڪومت ۽ فوج هڪ پيج تي آهن.

احسن اقبال چيو ته قومي ايڪشن پلان تحت ڪراچي ۽ لاهور سموري ملڪ ۾ ڪارروائيون شروع ڪيون ويون، جڏهن ته ڪراچي مان لڏ پلاڻ جو سوچيندڙ هاڻ سک جو ساهه کڻي رهيا آهن.

احسن اقبال چيو ته نواز ليگ سرڪار جي مثبت پاليسين سبب بجلي بحران گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته 2018ع تائين توانائي بحران حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

وفاقي وزير چيو ته تعليم جي بهتري کانسواءِ پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي،  حڪومت سنڀالڻ وقت تعليم جو ٻيڙو ٻڏل هو، پر اڄ لکين شاگرد معياري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*