اداڪار روبن گهوش لاڏاڻو ڪري ويو

robish

روبن گهوش 1939ع ۾ عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ ايس ايم گهوش جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ شروعاتي تعليم به بغداد ۾ ئي پرائي، ٻي مهاڀاري ويڙهه جي خاتمي کانپوءِ روبن گهوش ڪٽنب سميت ڍاڪا منتقل ٿي ويو، کيس موسيقي سان گهڻو لڳاءُ هوندو هو، هن گراموفون رڪارڊ گڏ ڪرڻ سميت هارمونيم وڄائڻ سکيو ۽ ڍاڪا مان موسيقي ۾ گريجوئيشن جي ڊگري ورتي.روبن گهوش جو ڀاءُ اشوڪ گهوش بنگالي فلمن جو ڊائريڪٽر هو،

1950ع ڌاري روبن گهوش کي ڍاڪا ريڊيو اسٽيشن تي دوست ذريعي نوڪري ملي، جتي سندس ئي دوست جي ڀيڻ جهرنا باسڪ سان ملاقات ٿي، جهرنا باسڪ اداڪاره شبنم جو اصل نالو آهي، جنهن سان بعد ۾ هن شادي ڪئي، کين روني گهوش نالي پٽ به آهي.

1960ع ڌاري فلم ڊائريڪٽر احتشام ڍاڪا ريڊيو اسٽيشن جو دورو ڪيو ۽ روبن گهوش کي پنهنجي فلمن جي موسيقي ترتيب ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا هن قبول ڪئي ۽ بنگالي فلم راج ڌانير بوڪــَي موسيقار طور روبن گهوش جي پهرين فلم هئي، جيڪا 1961ع ۾ رليز جنهن بعد روبن گهوش ڪيترين ئي بنگالي ۽ اردو فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني،

روبن گهوش جي زال اداڪاره شبنم به پاڪستان فلم انڊسٽري جي ڪامياب ترين هيروئن رهي، روبن ۽شبنم 1980 جي ڏهاڪي تائين پاڪستان فلم انڊسٽري سان واڳيل رهيا، جنهن بعد هو ڍاڪا منتقل ٿي ويا.

روبن گهوش 13 فيبروري تي بيماري سبب 76 سالن جي ڄمار ۾ ڍاڪا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

روبن گهوش جي اردو فلمن ۾ تلاش، پيسا، چڪوري، ڀائيا شامل آهن ۽ تم ميري هو جي رليز کانپوءِ روبن گهوش ڪراچي منتقل ٿي ويو ۽ فلمي ڪيريئر جاري رکيو.

روبن گهوش جي مشهور فلمن ۾ پاڪستاني تاريخ جي بهترين فلمن مان هڪ “آئينه” به آهي،  بهترين موسيقي ترتيب ڏيڻ تي کيس 6 نگار ايوارڊز سان به نوازيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*