عدالت اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست تي 20 فيبروري تائين محفوظ ڪري ورتو

Musharaf-010

اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت، غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست تي 20 فيبروري تائين محفوظ ڪري ورتو آهي.

ايڊيشنل سيشنن جج پرويز القادر ميمڻ جي عدالت پرويز مشرف خلاف غازي عبدالرشيد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران لال مسجد طرفان طارق اسد ۽ اڳوڻي آمر پرويز مشرف جو وڪيل ملڪ طاهر عدالت ۾ پيش ٿيا.

لال مسجد طرفان پيش ٿيل وڪيل طارق اسد پرويز مشرف خلاف سي ڊي پيش ڪرڻ جي اجازت گهري.

پرويز مشرف جي وڪيل اعتراض واريندي چيو ته سندس موئڪل جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي بحث مڪمل ڪيو ويو آهي، طارق اسد ڪهڙي قانون تحت مشرف خلاف سي ڊي پيش ڪرڻ چاهي ٿو.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پرويز مشرف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست  تي 20 فيبروري تائين فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*