ڄامشوري ۾ واٽر سپلاءِ جي بجلي ڪاٽڻ سبب شهري پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويا شهرين جو احتجاج

kotri-pani

 ڄامشوري ۾ واٽر سپلاءِ جي بجلي ڪاٽڻ سبب شهري پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪوٽڙي ۽ باڊهه ۾ پاڻي جي فراهمي بند هئڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرا ڪيا.

ڄامشوري ۾ حسيڪو پاران رهتون ڄاڻائي واٽر سپلاءِ اسڪيمن جي ڪاٽيل بجلي چوٿين ڏينهن به بحال نه ٿي سگهي، جنهن سبب شهري پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن.

شهرين جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪميٽي جي 10 وارڊن ۾  20 کان وڌيڪ واٽر سپلاءِ اسڪيمن جي بجلي لکين رپيا رهتون ڄاڻائي ڪاٽي وئي آهي، جنهن ڪري رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

  شهرين مطالبو ڪيو ته واٽر سپلاءِ سڪيمن جي بجلي فوري طور بحال کي شهر کي پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي وڃي.

ڪوٽڙي ۾ ٻن ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي بند هئڻ خلاف عورتن ۽ ٻارڙن ڪولر ۽ مٽڪا کڻي احتجاج ڪندي بلديا آفيس جو گهيراءُ ڪيو.

ان موقعي تي نجم ڪانڌڙو، شاهد جميل ۽ ٻين چيو ته حيسڪو اختيارين 5 ڪروڙ رهتون ادا نه ٿيڻ ڪري 7 واٽر سپلاءِ اسڪيمن جي بجلي ڪٽي ڇڏي آهي.

هنن چيو ته پاڻي جي فراهمي بند هئڻ ڪري رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ شهري پئسن تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته حيسڪو کي رهتون ادا ڪري واٽر سپلاءِ اسڪيمن جي بجلي بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

باڊهه ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم جي بجلي ڪاٽڻ خلاف شهرين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته سيپڪو اختيارين لکين رپيا رهتون ڄاڻائي واٽر سپلاءِ اسڪيم جي بجلي ڪٽي ڇڏي آهي، جنهن ڪري پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي.

هنن چيو ته اٺن ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي بند هئڻ ڪري رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته واٽر سپلاءِ اسڪيم جي بجلي فوري طور بحال ڪري شهر مان پاڻي جو بحران ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*