بلوچستان جَي ڪچلاڪ واري علائقي ۾ پوليس ۽ ايف سي گڏيل آپريشن دوران 19 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا

Fc Balochistan

بلوچستان جَي ڪچلاڪ واري علائقي ۾ پوليس ۽ ايف سي گڏيل آپريشن دوران 19 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

ايف سي ترجمان موجب، ڪچلاڪ جي مختلف علائقن ۾ پوليس سان گڏجي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني.

ايف سي ۽ پوليس اهلڪارن جوابي ڪارروائي ۾ 19 جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

ايف سي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار  ٽارگيٽ ڪلنگ سميت مختلف وارداتن ۾ ملوث آهن، جن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*