لاهور جي احتساب عدالت، برگيڊيئر رٽائرڊ خالد نظير جو 14 جسماني رمانڊ حاصل واري استدعا تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

nab-logo-08

لاهور جي احتساب عدالت، ڊي ايڇ اي سٽي اسڪينڊل ۾ نيب جي خانگي ڪمپني جي سي اي او برگيڊيئر رٽائرڊ خالد نظير جو 14 جسماني رمانڊ  حاصل واري استدعا تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

لاهور جي احــتساب عدالت جي جج ڊي ايڇ اي لاهور سٽي فراڊ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نيب گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل خانگي ڪمپني جي سي اِي او خالد نظير کي پيش ڪيو.

نيب وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته خانگي ڪمپني جي سي اِي او برگيڊيئر رٽائرڊ خالد نظير تي 16 ڪروڙ رپيا فراڊ جو الزام آهي.

نيب عدالت کان استدعا ڪئي ته جوابدار کان جاچ ڪرڻي آهي تنهنڪري ڪيس سندس 14 ڏينهن جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي.

عدالت نيب جي اهڙي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته  ڊي ايڇ اي لاهور سيٽي اسڪينڊل ۾ اڳوڻي آرمي چيف جي ڀاءُ جي ڪمپني جي سي اي او سميت 10 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*