گرفتار جوابدار رياض بابل عرف بابلا جي نشاندهيءَ تي ٻيهر ڇاپو هڻي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو

KARACHI-15-9

ڪراچي جي لياري جنرل اسپتال مان گرفتار جوابدار رياض بابل عرف بابلا جي نشاندهيءَ تي ٻيهر ڇاپو هڻي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب رياض بابل کي سياسي جماعت جي سرپرستي حاصل آهي، جنهن جا لياري جنرل اسپتال جي ڊاڪٽرز سان به رابطا آهن.

ڪراچي جي لياري  جنرل اسپتال تي  قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن  ڇاپو هڻي گينگ وار جي جوابدار رياض بابل عرف بابلا کي گرفتار ڪرڻ بعد سندس نشاندهيءَ تي ٻيهر ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران ٻن جوابدارن ڪامل عرف ڪــُپي ۽ ارشد کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب گرفتار جوابدار رياض بابل کي هڪ سياسي جماعت جي سرپرستي حاصل آهي، جيڪو پهريان عذير بلوچ ۽ بعد ۾ بابا لاڊلا گروپ ۾ شامل ٿيو.

پوليس موجب جوابدار رياض بابل لياري جنرل اسپتال ۾ مقرر آهي، سندس نشاندهيءَ تي وڌيڪ ٻن جوابدارن ماما نثار ۽ ماما رشيد جي گرفتاري لاءِ پڻ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*