آزاد ڪشمير جي علائقي ڪوٽلي ۾ پيپلزپارٽي ۽ نوازليگ جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 4 زخمي
آزاد ڪشمير جي علائقي ڪوٽلي ۾ پيپلزپارٽي ۽ نوازليگ جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن، ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پوليس جي اضافي نفري طلب ڪئي وئي آهي.
ڪـــــوٽلي جي نڪيال واري علائقي ۾ پ پ ڪارڪن بلاول ڀٽو زرداري جي رٿيل ڪنونشن ۽ نواز ليگ ڪارڪنن پاران مقامي اڳواڻن جي حمايت ۾ر يليون ڪڍيون پئي ويون ته ڇڪتاڻ ٿي پئي.
ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ سبب پوليس پاران مڇريل مظاهرين کي ڇڙو وڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ڪرڻ سان گڏ شيلنگ ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته ٻنهي پارٽين جا 4 کان وڌيڪ ڪارڪن زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڪارڪن ۽ زخمين ڊي ايڇ ڪيو منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٻڌائي پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پوليس جي اضافي نفري طلب ڪئي وئي آهي………….