پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير ۾ نواز ليگ ۽ پ پ ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران پ پ ڪارڪن جي مارجڻ جي مذمت

bilal-bhoto

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير ۾ نواز ليگ ۽ پ پ ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران پ پ ڪارڪن جي مارجڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪمران جماعت آمراڻي ذهنيت جو مظاهرو ڪيو آهي، حڪمران ايترو ظلم ڪن جتيرو پاڻ به برداشت ڪري سگهن.

جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير ۾ حڪمران جماعت نواز ليگ، پ پ جي پرامن ريلي تي حملو ڪيو آهي.

هن چيو ته نواز ليگ پرامن ريلي تي حملو ڪري آمراڻي ذهنيت جو ثبوت ڏنو آهي، جڏهن ته شهيد ڪارڪنن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.

بلاول ڀٽو چيو ته حڪمران جماعت آمراڻي ذهنيت جو مظاهرو ڪيو آهي، حڪمران ايترو ظلم ڪن جتيرو پاڻ به برداشت ڪري سگهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*