پــُـڇ تي لت اچي وڃڻ تي ڪجهه ماڻهو منهنجي خلاف ٿي وڃن ٿا، تنقيد ڪندڙن جي دور ۾ روز ڌماڪا ٿيندا هئا:نثار علي خان

chudhry-nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته پاڪستان ۾ داعش جو وجود نه آهي، ڪجهه تنظيمون داعش ۽ القاعده جي نالي هيٺ ڪارروائيون ڪن ٿيون، پــُـڇ تي لت اچي وڃڻ تي ڪجهه ماڻهو منهنجي خلاف ٿي وڃن ٿا، تنقيد ڪندڙن جي دور ۾ روز ڌماڪا ٿيندا هئا، دهشتگردي تي پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿيڻ گهرجي.

پنجاب جي شهر ڪلر سيدان ۾ ايمبولنس سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته حڪومت عوامي منصوبن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ ننڍن ڊيمن جي سخت ضرورت آهي، جن تي ڪم ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته قوم جي حمايت سان آپريشن شروع ڪيا ويا، جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد سبب امن امان جي صورتحال بهتر ٿي چڪي آهي.

چوڌري نثار چيو ته مان نه مــــــــڃا واري روٽ جي ڳالهه ڪندڙن کي قوم رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي جو ثمر چئني صوبن کي برابر ملندو.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته ڪجهه سياسي عنصر قوم کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ڪنهن جي پـــــــُـــڇ تي لت اچي وڃي ٿي ته هيان ڏاريندڙ دانهون ڪندي نظر اچن ٿا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*