ميهڙ جي ڪڪول واهه جي ڪپرن تي قبضن خلاف سوين آبادگارن جو عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو انڊس هاءِ وي تي ساڍن چئن ڪلاڪن تائين ڌرڻو

kakol wah

ميهڙ ۾ ڪڪول واهه جي ڪپرن تي قبضن خلاف آبادگارن پاران ساڍن چئن ڪلاڪنن کان لڳل ڌرڻو آبپاشي عملدارن ۽ ضلعي انتظاميا جي خاطري کانپوءِ ختم ڪيو ويو، عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪڪول واهه تان قبضا هٽائڻ لاءِ آپريشن رينجرز جي مدد سان ڪيو ويندو.

ڪڪول واهه جي ڪپرن تي قبضن خلاف آبادگارن عورتن ۽ ٻارڙن سميت پيادل مارچ ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته شهر جي بااثر ماڻهن ڪڪول واهه تي هوٽلون گهر ۽ مال جا واڙا قائم ڪري ڇڏيا آهن، جنهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي.

هنن چيو ته سخت احتجاج کانپوءِ آبپاشي کاتي پاران قبضن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ته پر صرف ڪجهه ڏينهن آپريشن جاري رکڻ بعد ٻيهر بند ڪيو ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڪڪول واهه جي ڪپرن تان قبضا هٽائڻ وارو بند ڪيل آپريشن ٻيهر  شروع ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

انجنئير رائيس ڪينال طارق ڪيهر، ايس ڊي او غلام حيدر جوڻيجو سميت پوليس ۽ ضلعي انتطاميا جي عملدارن ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين کي قبضا هٽائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد چئن ڪلاڪنن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

آبپاشي عملدارن جو چوڻ هو ته ڪڪول واهه جي ڪپرن تان قبضا هٽائڻ لاءِ  سومرو ڏينهن کان ٻيهر آپريشن شروع ڪيو ويندو، جنهن دوران رينجرز کان به مدد ورتي ويندي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*