سنڌ جو ڀلوڙ فنڪار الهه ڏنو خاصخيلي فالج جي حملي سبب ٻن هفتن کان بستر ڀيڙو

alah-dano-

“جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ سميت ٻيا ڪيترائي يادگار گيت ڳائيندڙ ناليوارو راڳي الهڏنو خاصخيلي فالج جي حملي سبب ٻن هفتن کان بستر ڀيڙو ٿيل آهي، ثقافت کاتي توڙي ٻي ڪنهن به اداري سندس پرگهور نه لڌي آهي.

ٺٽي جي ميرپور بٺوري شهر سان واسطو رکندڙ ناليواري راڳي الهڏنو خاصخيلي تي 2 هفتا اڳ فالج جو حملو ٿيو هو، جنهن سبب سندس حالت خراب آهي.

ڪراچي جي ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ هڪ دوست ۾ گهر ۾ ترسيل الهڏنو خاصخيلي جو ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال مان علاج ڪرايو وڃي ٿو پر سندس مائٽن وٽ پيسا نه هئڻ سبب کيس اسپتال ۾ داخل  نٿو ڪرايو وڃي.

ناليواري راڳي ٻن هفتن کان بستر ڀيڙو ٿيل آهي پر سنڌ ثقافت کاتي توڙي ٻئي ڪنهن به اداري سندس پرگهور نه لڌي آهي.

الهڏنو خاصخيلي جي ڀاءُ محبوب خاصخيلي جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ کي ڪراچي جي نجي اسپتال مان روزانو 17 هزار رپين جي انجيڪشن لڳائي وڃي ٿي ۽ وٽن پئسا نه هئڻ سبب هو ان کي اسپتال ۾ داخل نٿو ڪرائي سگهي.

الهڏنو خاصخيلي جي وارثن سنڌ سرڪار ۽ ٻين وس وارن  کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*