ٽنڊو ڄام لڳ پٽڙي ڪراس ڪندي فريد ايڪسپريس جو مزده کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيل 8 ڄڻن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا

tando-jam-map

ٽنڊو ڄام لڳ پٽڙي ڪراس ڪندي فريد ايڪسپريس جو مزده کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيل 8 ڄڻن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته حادثي ۾ زخمي ٿيل چئن ڄڻن جو حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ علاج جاري آهي، جتي ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڳوٺ مريد سِپيو وٽ حيدرآباد کان پنجاب ويندڙ فريد ايڪسپريس پٽڙي ڪراس ڪندڙ مزده کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهنجي نتيجي ۾ 3 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، ۽  11 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا هئا.

واقعي کانپوءِ مقامي ڳوٺاڻن فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي مزده مان ڪڍي ايڌي ايمبولينس ذريعي ٽنڊو ڄام اسپتال پهچايو، جنهن دوران رستي ۾ وڌيڪ 5 ڄڻن دم ڌڻي حوالي ڪيو.

حادثي ۾ زخمي ٿيل پانچو ڪولهي، گڊو، پيسو ۽ ڀرپو  کي حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڇانچو  ۽ پيسو ڪولهي جي حالت ڳڻتي  جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

فوتين ۾ سانوڻ ناهيون، قادر بخش لاشاري، مسمات شاما، چندر ڪولهي، جڳسِي ڪولهي، ڏيوو ڪولهي ۽ هري چند ڪولهي شامل آهن، جن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار ٿيل مزده ۾ ڳوٺ دريا خان واسي ڪڇي ۽ ڪولهي برادري جا ماڻهو سوار هئا، جيڪي لڏپلاڻ ڪري هالا وڃي رهيا هئا.

حادثي ۾ ٽرين جي انجڻ کي به نقصان پهتو، جڏهن ته علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڦاٽڪ نه هئڻ سبب حادثو پيش آيو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*