اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي ايڪسائيز آفيس تي ڇاپي دوران 30 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

FIA25-8

اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي ايڪسائيز آفيس تي ڇاپي دوران 30 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب، ايف آءِ اي جي اسپيشل يونٽ ايس آءِ يو اسلام آباد ۾ ايڪسائيز کاتي جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ايس آءِ يو ڇاپي دوران ملازمن سميت 30 ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڪسائيز آفيس ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*