الله پ پ جي بيمار صوبائي صلاحڪار کي صحت ڏئي:عابد شير علي

abid-sher-ali-6-1-16

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته الله پ پ جي بيمار صوبائي صلاحڪار کي صحت ڏئي، 2017ع دوران 36 سئو ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي ۽ 2018ع دوران بجلي لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو اچي ويندو.

ملتان ۾ 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي عابد شير علي چيو ته توانائي منصوبن تي شفافيت سان اربين رپيا بچايا ويا آهن.

هن چيو ته هوا، ڪوئلي ۽ سج جي روشنيءَ مان بجلي وارن منصوبن تي ڪم جاري آهي، 2017ع دوران وڌيڪ 3600 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي ۽ 2018ع تائين بجلي لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو اچي ويندو.

مولابخش چانڊئَي جي حوالي سان هن چيو ته الله پ پ جي صوبائي صلاحڪار کي صحت ڏئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*