بالي ووڊ اسٽار پنڪٽ سمراٽ ۽ يامي گوتم جي “صنم ري” ٽن ڏينهن اندر 17 ڪروڙ جو ڪاروبار ڪري ورتو

tere-liye-lyrics-sanam-re

بالي ووڊ اسٽار پنڪٽ سمراٽ ۽ يامي گوتم جي “صنم ري” ٽن ڏينهن اندر 17 ڪروڙ جو ڪاروبار ڪري ورتو، ڪترينا ڪيف ۽ اديتيا راءِ ڪپور جي “فتور” 13 ڪروڙ جو ڪاروبار ڪري سگهي.

جمعي تي رليز ٿيل ڪترينا ڪيف ۽ اديتيا راءِ ڪپور جي “فتور” ۾ اداڪاره تبو به اهم ڪردار نڀايو آهي، فلم رليز واري ڏينهن رڳو ساڍا ٽي ڪروڙ جو ڪاروبار ڪري سگهي.

فتور هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا پيار ۾ دوکو ملڻ بعد ٽٽي پوي ٿي پر پوءِ پنهنجي پريمي جي بيوفائي  جو بدلو وري پنهنجي ڌيءَ جي پريمي کان وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، آچر تائين فلم جو مجموعي ڪاروبار 13 ڪروڙ ٿي چڪو آهي.

جمعي تي ئي رليز ٿيل “صنم” ڪاروبار جي لحاظ کان “فتور” کان بهتر نظر اچي رهي آهي، پهرئين ڏينهن فلم 5 ڪروڙن کان وڌيڪ جو ڪاروبار ڪيو.

پنڪٽ سمراٽ ۽ يامي گوتم جي “صنم ري” ٽن ڏينهن دوران 17 ڪروڙن جو ڪاروبار ڪري چڪي آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*