غيرت جي نالي تي عورتن جو قتل سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي، اهڙن واقعن جو اسلامي تعليم سان واسطو نه آهي:نواز شريف

nawaz-sharif

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته غيرت جي نالي تي عورتن جو قتل سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي، اهڙن واقعن جو اسلامي تعليم سان واسطو نه آهي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف سان آسڪر ايوارڊ يافته شرمين عبيد چنائي ملاقات ڪئي، جنهن دوران عورتن جي حقن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف چيو ته غيرت جي نالي تي قتل جي خاتمي لاءِ قانون ۾ ضروري تبديليون ڪيون وينديون، ان حوالي سان لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.

وزير اعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت سول سوسائٽي جي سهڪار سان سماجي برائين تي ضابطو آڻي سگهي ٿي، ان حوالي سان سجاڳ ڌريون به ڪردار ادا ڪن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*