وڏي وزير قائم علي شاهه سان ارجنٽائن جي سفير ڊولفو ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي

qaim-ali-shah

وڏي وزير قائم علي شاهه سان ارجنٽائن جي سفير ڊولفو ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، وڏي وزير ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي ارجنٽائن جي سفير واکاڻ ڪئي.

وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ارجنٽائن جي سفير اسلام آباد کان ڪراچي پهچي وڏي وزير قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي.

ترجمان موجب ملاقات دوران مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته وڏي وزير ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري بابت سندس ڪردار جي ساراهه ڪئي.

واضح رهي ته بينظير ڀٽو پهرين چونڊيل وزيراعظم هئي، جنهن سڀ کان پهريان ارجنٽائن جو دورو ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*