پاڪ-ڀارت پرڏيهي سيڪريٽريز وچ ۾ ملاقات جلد ٿيندي:ڀارتي هاءِ ڪمشنر گوتم بمباوالي

pak india flag

اسلام آباد ۾ مقرر ڀارتي هاءِ ڪمشنر گوتم بمباوالي چيو آهي ته پاڪ-ڀارت پرڏيهي سيڪريٽريز وچ ۾ ملاقات جلد ٿيندي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون پٺاڻ ڪوٽ واقعي حملي جي جاچ ۾ اڳڀرائي سان مشروط نه آهن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي هاءِ ڪمشنر گوتم بمباوالي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت، پرڏيهي سيڪريٽريز سطح تي ڳالهين لاءِ رابطي ۾ آهن، کيس ملاقات ملتوي ٿيڻ بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي.

هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پرڏيهي ڳالهيون جلد ٿينديون، پاڪ-ڀارت پرڏيهي سيڪريٽريز سطح جي ملاقات پٺاڻ  ڪوٽ واقعي جي جاچ ۾ اڳڀرائي سان مشروط نه  ناهي ڪئي وئي.

ڀارتي هاءِ ڪمشنر چيو ته ٻنهي ملڪن جا قومي سلامتي صلاحلڪار پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ رابطي ۾ آهن، اميد آهي ته معاملي ۾ جلد اڳڀرائي ٿيندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ گوتم بمباوالي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن تي ڀارت کي ڪو به اعتراض ناهي، پاڪ-ڀارت کي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي ڪرڻي پوندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*